رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم ع??را?? خان افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وز??راعظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي وز??راعظمن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن افغانستان جي تازي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم ع??را?? خان پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دوري جو حوالو ڏيندي وز??راعظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم ع??را?? خان زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته انساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه اهم آهي. وز??راعظم افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ولي عهد چيو ته هو پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وز??راعظمن مختلف شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وز??راعظم ع??را?? خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ولي عهد جلد پاڪستان جي دوري جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23
پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات