اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومون ذهنن سان ٺهنديون آهن، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين، معاشرو تعليم يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري، ??عليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان وڏي تيزي سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو. صدر اهڙن خيان جو اظهار ڪنوينشن سينٽر ۾ قا??داعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي 2021ع جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عارف علوي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، ??عليم واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن کانسواءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽي جي نائين ڪانووڪيشن ۾ شرڪت تي خوشي آهي، ??اگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته انهن زندگي جو هڪ مرحلو عبور ڪري ورتو آهي. تعليمي ميدان ۾ قا??داعظم يونيورسٽي جي نمايان ڪاميابي کي ساراهيندي هن چيو ته قا??داعظم يوينورسٽي پاڪستان جي ٻين تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ رينڪنگ جي لحاظ کان نمبر ون آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو نمايان مقام محنت سان ا??ي ٿو، ان ڳالهه جي وڏي اهميت آهي ته تعليم ڪهڙي انداز سان ڏني وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي، هي قوم هڪ خاص مقصد ۽ منزل سان اڀري رهي آهي، ??مهوريت جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ مديني جي رياست جي طرز تي هلڻو آهي، ملڪ کي تعليم ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته پاڪستان اخلاقيات جي بنياد تي دنيا جو ليڊر بڻجندو، برينڊ پاڪستان جو بنياد ديانتداري هوندي، ??نيا ۾ فيڪ نيوز جي يلغار آهي، ??اگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ والدين ۽ معاشري جي خدمت ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 9 کان 10 شاگرد هايئر ايجوڪيشن ۾ وڃن ٿا جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح وڌيڪ آهي. صدر چيو ته قومون قدرتي وسيلن سان نه ذهنن سان ٺهنديون آهن، موهن جو دڙو هزارين سال اڳ آباد ٿيو پر توهان کي اتي ڪو هٿيار نه ملندو، جرمني ۽ جاپان ٻي عالمي جنگ کانپوءِ تعليم ذريعي ترقي جون منزلون طئي ڪيون، پاڪستان ۾ نوجوانن جو انگ وڌيڪ آهي جن تي ڌيان ڏئي انهن کي اعليٰ تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ٿو، يونيورسٽي جي شاگردن ۽ فيڪلٽي کي مبارڪباد ڏيندي صدر چيو ته يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ سان گڏوگڏ معاشري جون ذميواريون پڻ کڻڻ گهرجن ۽ ان مقصد جي لاءِ ٻين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
قومون ذهنن سان ٺهنديون آهن، پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم تي ڌيان وڌي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania