اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد ??سي?? چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري، بار ايسو??يئ??شنز سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن ??ي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ بار ايسو??يئ??شن جي ڪردار جي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپر??م ڪورٽ بار ايسو??يئ??شن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين چونڊيل عهديدارن ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ايسو??يئ??شنز کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته وڪيل برادري جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاق?? وزير سپر??م ڪورٽ بار ايسو??يئ??شن جي عهديدارن کي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.
قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا