اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعليم يافته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عورتن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌي??ن ڏئي رهي آهي ته جيئن ??نهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي قيادت ۾ شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يافته عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن ??هي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري انهن کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ??هي پنهنجو ڪاروبا?? قائم ڪري سگهن. صدر تعليم جي ميدان ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڪيترائي تعلي??ي ماهر ۽ پروفيشنلز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ساراهيو جنهن چترال جي ماڻهن کي تعلي??ي معيار بلند ڪرڻ ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو.
ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ لاءِ تعليم يافته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری