اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آهي، مسٽر فرا??يا جمع آهن، چوري، لُٽ مار جو پئسو انهن ماڻهن وٽ هو، سينيٽ اليڪشن ۾ ق??مي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پئي ويا، وڊيو به موجود آهي، اليڪشن ايڪٽ واضح آهي ته ڪنهن ووٽر کي پئسن جي ذريعي خريد نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ??ميشن وٽ موقعو اچي ويو آهي ته هو ان جو خاتمو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ??ميشن جي ٻاهران قانون ۽ انصاف واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ??ان گڏ مي??يا ??ان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت 2000 ارب کڻي وئي پر ڪٿي استعمال ٿيا ان جو پتو ئي نه آهي، جيڪي ڪائونسلر نه پئي بڻجي سگهيا، اهي ٽڪيٽ جي لاءِ عمران خان جي پيرن ۾ ويٺل هئا، اليڪشن ??ميشن يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪيس جو به فيصلو ڪري ۽ ووٽ جي خريد ۽ وڪري کي فوري طور تي روڪي، ا??ان ايبسلوٽلي ناٽ چئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو، ان جو نتيجو ڀوڳڻ جي لاءِ تيار آهيون، ڪپتان ڄمي مقابلو ڪندو، ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو ۽ نه ئي ڪمپرومائيز ڪندو، مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڀ چور هڪ طرف ۽ عمران خان جي سامهون ڄمي بيٺل آهي، جڏهن ڪو اتحاد ٺهندو آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، اسان پا??ستان جي جمهوريت کي نيلام گهر بڻجڻ نه ڏينداسين، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهنداسين، آرٽيڪل 63 اي واضح آهي، قانون ان لاءِ ٺاهيو ويندو آهي ته ان جو خوف هجي، ماڻهو قانون نه ٽوڙين، جيڪڏهن انهن جا ضمير ايترا جاڳي ويا آهن ته نيلام گهر کان ٻاهر نڪرن ۽ ٻيهر اليڪشن وڙهي ڏسي وٺن ته انهن ??ان ڪيتري عوام آهي، ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري چيو ته اليڪشن ??ميشن جي سامهون جيڪو ڪيس آهي اهو عام نه آهي، هڪ تاريخ لکي رهيو آهي ۽ ضمير فروشي جو اهو عمل عوام جي سامهون پهريون ڀيرو ته ناهي آيو، اليڪشن ??ميشن ا??ان آئيني ادارن، عوام جي ووٽ ۽ جمهوري عمل جو محافظ آهي، گيلاني جي وڪيل هاڻي اهو ٻڌايو آهي ته وڊيو جيڪا سامهون آئي اها ا??ان جي نه هئي، اليڪشن ??ميشن ??ي درخواست آهي ته هي اهم موڙ آهي، آئيني اداري کي ڪنهن ڪم جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، هي موقعو آهي ته پارليامينٽ ميمبر ضمير وڪڻندا ته پا??مرادو نوٽيس وٺي کين سزا ڏني وڃي.
سنڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آهي، مسٽر فراڊيا جمع آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina