اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس من??وب?? جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري من??وب?? جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 26.5 ڪلوميٽر ان ميٽرو بس من??وب?? سان جاڙن شهرن کانسواءِ ٻين شهرن مان ايندڙ هزارين شهري پڻ فائدو کڻندا. تقريب ۾ ترڪيءَ جي سفير کانسواءِ چيني سفارتخاني جو ڊپٽي هيڊ آف مشن پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ سنڀاليندي ئي ميٽرو بس من??وب?? جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا