اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سالن جي دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪ??ئڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌ??ئڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهبا?? شريف 7 وڳي اسلام آباد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موڙ ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته هي منصوبو اڳوڻي وزيراعظم محمد نوا?? شريف جي دور ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سالن جي دير ٿي ۽ مصنوبي ت?? ڪم مڪمل نه ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهبا?? شريف منصوبي ۾ دير جا جاچ ڪر??ئڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي لاءِ مفت هل??ئڻ جو حڪم ??نو آهي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ شهري مفت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم اسلام آباد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽروي سان ڳنڍڻ جي فوري فزيبلٽي جي ت??اري جو حڪم پڻ ??نو آهي ۽ باره ڪهو، پشاور موڙ ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو هل??ئڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي ت??ار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻ??ئڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪ??ئڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌ??ئڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي ۾ 5 سالن جي دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ