اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جيترو مرضي ڌمال وجهي، گوڙ ڪري، سندس مقصد ملڪ ۾ انتشار ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ ??هي?? هي پنهنجي چوري تان نظرون نٿو هٽرائي سگهي، کيس پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، سندس دور ۾ ڊالر جي قيمت 189 تي وئي، پرڏيهي ذخيرن جي ب??حالي سندس دور م ٿي، چار سال حڪ??مت ۾ رهي ان ٽولي آئيني ۽ رياستي ادارن کي اپوزيشن جي خلاف استعمال ڪيو، ملڪ جي اندر معاشي تباهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ قرضن جو بار سندس ڏنل تحفا آهن، ان جو پکيڙيل گند اسان صاف ڪري رهيا آهيون، اسان جي ترجيح آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اڪنامڪ پاليسي متعارف ڪرائڻ ??هي?? انهي مقصد جي ڏس ۾ حڪ??مت سمورن لگزري آئٽمز جي درآمد تي پابندي هڻي ڇڏي ??هي?? لگزري آئٽمز جي درآمد تي پابندي سان ساليانو 6 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي، اليڪشن ڪرائن جو فيصلو اسان ۽ اتحادي گڏجي ڪنداسين، عمران خان جو مقصد اليڪشن ڪرائڻ هجي ها ته هي بي اعتمادي رٿ کان اڳ پاڻ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي ها، هاڻي اليڪشن جي مطالبي جو مقصد ملڪ ۾ انتشار ۽ فساد پکيڙڻ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ هن وقت عوامي حڪ??مت آهي جنهن ۾ وفاق جون سموريون ڌريون ۽ صوبن جي نمائندگي موجود آهي. هن چيو ته گذريل چئن سالن م ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، عوام کي ڦريو ويو، مهانگائي جي شرح وڌائي وئي، گذريل چئن سالن دوران جيترو قرض ورتو ويو اهو 1947ع کان 2018ع تائين ورتل قرضن جو 80 سيڪڙو ??هي?? چئن سالن ۾ قرض کي 25 هزار ارب مانوڌائي 43 هزار ارب رپيا ڪيو ويو، 2018ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ غذائي مهانگائي 2.3 سيڪڙو هئي، اڄ مهانگائي تي اهي ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن جن غذائي مهانگائي کي 16 سيڪڙو تائين پهچايو. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان ايمرجنگ مارڪيٽس جي اندر شامل ٿي چڪو هو، ترقي جي شرح 6 سيڪڙو تي پهچي چڪي هئي، گذريل چئن سالن ۾ ان کي منفي ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ امپورٽيڊ حڪومت، امپورٽيڊ ڪابينا، امپورٽيڊ صلاحڪار ۽ امپورٽيڊ ترجمانن جي حڪ??مت هئي، گذريل حڪ??مت دوران واپاري خسارو پاڪستان جي بلند ترين سطح تي هو، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي، ان وقت ملڪ ۾ سي پيڪ هو، 11000 ميگاواٽ بجلي جا منصوبا بڻجي رهيا هئا، ڊالر جي قيمت مستحڪم هئي، جڏهن 2018 ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪ??مت اقتدار ڇڏي وئي ته ڊالر جي قيمت 115 رپيا هئي، اڄ سازشي ڪنٽينر تي بيهي ان حڪ??مت کان سوال ڪري رهيو آهي جنهن کي اقتدار ۾ آئي چار هفتا ٿيا آهن. انهن کي پنهنجي جيءُ ۾ جهاتيءَ پائڻ گهرجي ۽ ٿوري شرم ڪرڻ گهرجي ته ڊالر 189 تي سندس حڪ??مت جي دور ۾ ويو، پرڏيهي ذخيرن جي ب??حالي سندس دور ۾ ٿي. هن چيو ته بي اعتمادي ذريعي جڏهن ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 193 رپيا هئا. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي عمران خان صحيحون ڪيون جنهن جي ڪري اڄ عوام پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو صبح ٻنپهرن شام ملڪي معيشت تي سوال اٿاري رهيا آهن انهن تي عمران خان پاڻ اعتماد نه ڪيو، اسد عمر جي وزارت هڪ رات ۾ ٻه ڀيرا تبديل ڪئي وئي، ناڻي وارا وزير ڪيترائي ڀيرا تبديل ٿيا، اڄ اهي ئي ماڻهو ٻين تي معيشت جو سوال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي واحد حڪ??مت هئي جنهن آءِ ايم ايف پروگرام کي 2015ع ۾ مڪمل ڪيو، 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پاڪستان ايمرجنگ مارڪيٽس ۾ شامل ٿي ويو هو، مسلم ليگ (ن) آءِ ايم ايف پروگرام کي رول بيڪ ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي منشور ۾ پاڪستان مان مهانگائي ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته 90 ڏينهن ۾ جيڪي ڪرپشن ختم ڪرڻ آيا هئا انهن ڪرپشن جي ذريعي پاڪستان م مهانگائي ۾ اضافو ڪيو، ڪارٽلز ۽ مافياز چار سال پاڪستان جي عوام کي ڦريو، جيترا وزير ۽ صلاحڪار امپورٽ ٿي آيا هئا اڄ سڀ ايڪسپورٽ ٿي پاڪستان کان ٻاهر هليا ويا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻاهرئين ملڪ قرضن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فسڪل مئنيجمينٽ جو مڪمل پلان تيار ڪيو ??هي?? شهباز شريف اهو وزيراعظم آهي جنهن کي ڊالر جي قدر جي خبر ٽي وي تان نه پوي، هو عوام جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪ??مت غيرضروري لگزري آئٽمز تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ??هي?? اهڙين سمورين شين جيڪي عوام جي استعمال ۾ نه آهن، انهن جي درآمد تي مڪمل پابندي هنئي پئي وڃي. هن چيو ته سينگار جي شين سميت سمورن درآمدي گاڏين ۽ موبائيل فونز تي پابندي لاڳو هوندي. مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي صورتحال ??هي?? اهڙي وقت ۾ سمورن پاڪستانين کي قرباني ڏيڻي پوندي. هن چيو ته لگزري آئٽمز تي پابندي جي نتيجي ۾ ساليانو 6 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي ترجيح درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪرڻ آهي ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اڪنامڪ پاليسي متعارف ڪرائڻ ??هي?? لگزري آئٽمز تي پابندي جو اثر مقامي انڊسٽري، لوڪل پروڊيوسرز، مقامي صنعت تي پوندو، ملڪ جي اندر مقامي صنعتن جي فروغ سان ماڻهن کي روزگار ملندو، گذريل چئن سالن دوران 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. هن چيو ته لگزري آئٽمز تي پابندي جو سڌوسنئون اثر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته وڏين گاڏين، موبائيل فونز، هوم ايپلائنسز، ڊرائي فروٽ، ڪراڪري، پرائيويٽ ويپنز، شوز، ڊيڪوريشن پيسز، فوڊ آئٽمز، سوسز، فروزن ميٽ، سينيٽري ويئر، ڊور اينڊ ونڊوز فريمز، فوزن ميٽ، جوسز، آئس ڪريم، سگريٽ، لگزري ليدر، موسيقي جي اوازارن، چاڪليٽ سميت سمورن لگزري درآمدي شين تي پابندي هنئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪو شخص اڄ ڪنٽينر تي بيهي مهانگائي جو ڀاشن ڏئي رهيو ??هي?? ان چار سال رڳو قرضن ۾ اضافو ڪيو، هڪ منصوبي جي سرهه تائين نه لڳائي. انهن نالائقن ۽ نااهلن ڪارٽلز ۽ مافياز کي فائدو پهچايو، انهن کي ملڪ جي معاشي پاليسي جي خبر ئي نه هئي ته ملڪي معيشت ڪهڙي رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن چيو ته حڪ??مت فسڪل مئنيجمينٽ ۽ اڪنامڪ پلان کي حتمي شڪل ڏني ??هي?? انرجي ڪنزرويشن ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته عمران خان جي چار سالن تائين وفاق ۽ 9 سالن تائين خيبرپختونخواهه ۾ حڪ??مت رهي، خيربپختونخواهه ۾ 9 سالن کان احتساب ڪميشن کي تالو لڳل ??هي?? نيب جا سمورا ڪيسز بند آهن، ڪنهن به احتساب جي ڪيس ۾ عمران خان جو نالو اچي ته ان ڪيس کي بند ڪيو وڃي ٿو، عمران خان خيبرپختونخواهه جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪيو، ان هيلي ڪاپٽر ڪيس کي به تالو لڳل ??هي?? بي آر ٽي پشاور، بلين ٽري سونا??ي ڪيس کي به تالا لڳل آهن. هن چيو ته چار سال اقتدار جي ڪرسيءَ تي مڙهيل ٽولو اڄ چوي ٿو ته مهانگائي ڇو ٿي ??هي?? اها مهانگائي عمران خان ڪئي آهي جنهن 2.3 سيڪڙو مان 16 سيڪڙو تائين ان کي پهچايو. بي اعتمادي جي ڪاميابي جي ڊپ کان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ان فنڊڊ س??سڊي ڏني، ملڪي معيشت سان کلواڙ ڪيو، معيشت سان اها راند کيڏي وئي ۽ هنن سمجهيو ته ايندڙ حڪ??مت جي لاءِ اهي ڄار وڇائي وڃي رهيا آهن. هن آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي صحيحون ڪيون جنهن مان اسان نڪري نه ٿا سگهون. هن چيو ته اسان جي لاءِ تمام آسان آهي ته انهن نالائقن جي ڪري پيدا ڪيل بار پاڪستان جي عوام تي وڌو وڃي پر مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادين جو اهو مقصد نه آهي ته عوام تي ب??ر وڌو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ مهانگائي جي سطح کي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي آندو، سي پيڪ جي ذريعي ماڻهن کي روزگار ڏنو. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران ناڻي واري وزير کي ڪيترائي ڀيرا تبديل ڪيو ويو، فرح گوگي وٽ پئسن جون ٻوريون اينديون هيون ته پنجاب جي اندر مقرري ۽ ٽرانسفر ڪئي ويندي هئي. هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ ملڪ جي وزيراعظم کي خبر ئي نه هئي ته ڊالر جو ريٽ ڇا ??هي?? هو چوندو هو ته هو ٽماٽن، پٽاٽي ۽ کنڊ جون قيمتون ڏسڻ ناهي آيو. مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ 52 رپيا في ڪلو کنڊ جي قيمت کي ب??قرار رکيو پر هن ٽولي کنڊ کي ب??آمد ڪيو پوءِ درآمد ڪيو ۽ اهڙي طرح کنڊ جي قيمت 120 رپيا في ڪلو تائين پهچائي. هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ عورتون رمضان ۾ قطارن ۾ بيهي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور هيون. هن چيو ته هي سمجهن ٿا ته پاڪستان جي عوام اهي ڳالهيون وساري چڪي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي روئين، رڙيون ڪن يا پٽين، اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو اسان کي ڪرڻو ??هي?? اليڪشن ان وقت ٿينديون جڏهن اسان فيصلو ڪنداسين، هنن جو مقصد اليڪشن ڪرائڻ هجي ها ته هي بي اعتمادي رٿ کان اڳ پاڻ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏين ها پر انهن جو خيال هو ته هي اتحادين جي پيرين پوندا ۽ اقتدار سان چنبڙيل رهندا، انهن صبح ٻنپهرن شام عدالتن کي ڌمڪيون ڏنيون، پوءِ چيو ته عدالتون رات جو ڇو کليون، عدالتون رات جون آئين تي حملي آور شخص جي خلاف کليون، جڏهن انهن جي حق ۾ ڪو فيصلو اچي ته اهو ٺيڪ پر جڏهن انهن جي خلاف ڪو فيصلو اچي ته هي عدالتن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي اچن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته معاشي پلان ڪنهن وٽ ??هي?? جيڪڏهن پاڪستان جي عوام کي بيروزگاري، مهانگائي ۽ معاشي تڪليف مان ڪير ڪڍي سگهي ٿو ته اها موجوده حڪ??مت آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڏينهن رات معاشي بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهيو ??هي?? هو روزانو اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون ڏسي سمهندو ??هي?? هو سندو آهي ته اٽو، پيٽرول، ڊيزل جي ذخيره اندوزي ته نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته شهباز شريف عوامي وزيراعظم آهي ۽ عوام جي لاءِ شيون سستيون ڪرڻ آيو ??هي?? اهو ئي فرق عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ آهي. هن چيو ته مهانگائي ڪرڻ جا فيصلا تمام آسان جڏهن ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي آهي. هن چيو ته گذريل چار سال ڪارٽلز ۽ مافياز جي ذريعي کنڊ جي قيمتن کي وڌايو ويو. مسلم ليگ (ن) جڏهن ته اقتدار ڇڏيو ته اٽو ۽ کنڊ برآمد ٿي رهيا هئا، اڄ هن ٽولي جي ڪري کنڊ درآمد ٿي رهي آهي. هن يچو ته عمران خان جيتري مرضي ڌماڪ هڻي، جيتري مرضي گوڙ ڪري، پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو. پنهنجي اقتدار کان اڳ هي ڪنٽينر تي چڙهيو، سول نافرماني جي ڪال ڏني، بل ساڙيا، پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا ۽ پوءِ چار سال حڪ??مت ۾ رهي به آئيني ۽ رياستي ادارن کي اپوزيشن جي خلاف استعمال ڪيو، ميڊيا کي جيلن ۾ وڌو ۽ هاڻي ملڪ ۾ انارڪي چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان صبح ٻنپهرن شام ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي چوري تان نظرون نه ٿو هٽرائي سگهي، پنهنجي فرنٽ مين فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر جي چوري ۽ توشه خانه مان ڪيل چوري تان نظرون نه ٿو هٽرائي سگهي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي اندر معاشي تباهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت قرضن جو تحفو ڏنو، پاڪستان جي عوام اڄ انهن جي ڪري مشڪل وقت مان گذري رهي ??هي?? انهن جو ڦهلايل گند اسان صاف ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عمران خان چار سال حڪ??مت ۾ رهيو، جڏهن کيس خبر پئي ته بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي رهي آهي ته هن اسيمبليون تحليل ڪرڻ جو چيو، سپريم ڪورٽ جي 5 ججن چيو ته آئين شڪني ٿي، انهن جي ڊپٽي اسپيڪر جي ذريعي خلاف ورزي ڪئي وئي، اهي سمورا اعمال ناما پاڪستان جي عوام آڏو آهن. هن چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ اسان وٽ صلاحيت به آهي ۽ نيت به آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جنهن شخص ڊالر جو ريٽ 193 رپين تائين پهچايو اڄ اهو ڊالر جي قيمت وڌڻ تي ڀاشن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان جي عوام سندس ڪوڙ ٻڌي ٻڌي ٿڪي پئي آهي پر هي شخص ڪوڙ ڳالهائيندي ٿڪي نه ٿو، ان وٽ پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه ??هي?? هن ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، دوائن جون قيمتون 5 سيڪڙو مهانگيون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪ??مت پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن مان هڪ ميمبر جو به ووٽ نه ورتو، هي حڪ??مت سمورين اتحادي پارٽين جي اتحاد سان ٺهي آهي جيڪا چونڊيل ۽ آئيني حڪ??مت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان اقتدار تان هٽڻ کانپوءِ ملڪ جي خلاف سازش ڪئي، اڳ ۾ هو خط لهرائيندو هو پر هاڻي کيس سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ان خط سان سندس مسخري اڏائي رهيا آهن، ان لاءِ هاڻي هو خط نه ٿو لهرائي، پاڪستان جي عوام خط جي حقيقت ڄاڻي چڪي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو حڪ??مت ۽ اتحادين جو هوندو، عمران خان وٽ ان فيصلي جو حق بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ هو، جيڪڏهن انهن کي اليڪشن ڪرائڻي هئي ته اها ڪنٽينر تي چڙهي نه ٿي ڪرائي سگهجي، وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهي ان وٽ آئيني حق موجود هو پر ان وقت کيس اقتدار جي حوس هئي. هن چيو ته اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو مسلم ليگ (ن) ۽ سمورا اتحادي گڏجي ڪندا، ان لاءِ اليڪشن ڪرائڻ جو راڳ آلاپڻ بند ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام اڄ انهن کان سوال پڇي ٿي ته چار سال اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهي انهن پنهنجي اختيارن کي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو، اهي ئي اختيار مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ به استعمال ڪيا ويندا هئا پر ان ۾ صلاحيت نه هئي، انهن جي نيت ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀرڻ هئي. اڄ جنهن فنڊنگ سان اهي جلسا ڪرائي رهيا آهن هي اها ئي فنڊنگ آهي جيڪا عوام کان ڦري ڪارٽلز ۽ مافياز وٽ وئي، ۽ هاڻي انهي پئسي سان هي جلسا ڪرائي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جا نيب جي حوالي سان فيصلا موجود آهن، نيب کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو، نيب جي جيتري به ڪارروائي آهي اها هيومن رائيٽس جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سعد رفيق جي ڪيس ۾ اهو فيصلو موجود ??هي?? ان جي اندر واضح طور تي چيو ويو آهي ته نيب کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل چار سالن ۾ وزير اعلان ڪندو هو ته فلاڻو گرفتار ٿيندو، اڳئين ڏينهن نيب ان کي گرفتار ڪندو هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ عمران خان جو ذيلي ادارو هو. هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن ته نيب کي ڪهڙي طرح استعمال ڪيو ويندو رهيو. هن چيو ته گذريل حڪ??مت 6 نيب ترميمي آرڊيننس ڪڍيا، آخري آرڊيننس 2 جون تي ختم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ نيب چيئرمين جو موجوده مدو ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته بشير ميمڻ جو انٽرويو سڀني جي آڏو آهي ته ڪهڙي طرح ادارن کي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو ويندو رهيو. هن چيو ته اسان جي قانوني ٽيم مشاورت ڪري رهي ??هي?? سپريم ڪورٽ جي نوٽيسز تي پنهنجو موقف پيش ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته لگزري آئٽمز تي پابندي جي حوالي سان اسمگلنگ جهڙن معاملن تي پڻ مانيٽرنگ مڪينزم جوڙيو ويو آهي. لگزري آئٽمز تي پابندي جهڙا قدم پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ آهن، ان کي جيڪو به سبوتاز ڪندو ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته هي قومي فرض ??هي?? سڀني کي ان ۾ پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي سگهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ چاهي ٿو، گذريل چئن سالن دوران 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو عربت جي لڪير کان هيٺ ويا، مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجندڙ طبقي کي ڪهڙي طرح ريليف ڏيڻو ??هي?? ان جي لاءِ پورو پلان جوڙيو ويو آهي. اهڙي طرح پيٽروليم بل کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي معاشي مشڪلاتن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ اڪنامڪ پلان جوڙيو ويو آهي جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم جلد قوم کي خطاب ڪندو. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ آپشن هو ته اسان درآمدي شين تي ڊيوٽي وڌائي ڇڏيون پر ان سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي اثر گهٽ پوي ها، درآمدي بل وڌندو رهي ها، اسان هڪ مدي جي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن، ان جو سڌوسنئون فائدو عوام کي ملندو، مقامي صنعت کي فروغ ملندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان کي درآمدي شين تي دارومدار گهٽ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته گذريل حڪ??مت ۾ امپورٽيڊ صلاحڪارن، امپورٽيڊ ايڊوائيزرز، امپورٽيڊ ڪابينا، ڪارٽلز ۽ مافياز ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو، موجوده حڪ??مت امپورٽيڊ صلاحڪارن ۽ امپورٽيڊ وزيرن تي جهڙي طرح دارومدار گهٽ ڪري ڇڏيو ??هي?? اهڙي طرح درآمدي شين تي دارومدار گهٽ ڪرڻو ??هي?? اسان جو مقصد مقامي سطح تي شين کي متعارف ڪرائڻ ??هي?? انشاءَ الله توهان ڏسندا ته ان فيصلي جو ملڪ جي مقامي صنعت تي به اثر پوندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي اصليت عوام ڄاڻي چڪي ??هي?? هو جيڪو به ڳالهائي رهيو آهي ان تي هن پاڻ عمل نه ڪيو، چار سال اقتدار ۾ رهي انهن جيڪو ڪجهه ڪيو، اڄ ان تي هي چار هفتن کان آيل حڪ??مت کان سوال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مهانگائي جي خلاف جلسا ۽ مارچ جو اهي ماڻهو چئي رهيا آهن جن 2.3 سيڪڙو جي غذائي مهانگائي کي 16 سيڪڙو تائين پهچايو. قرض تي ڳالهه ڪندڙ شخص قرض کي 25 هزار ارب مان وڌائي 43 هزار ارب رپيا ڪري ڇڏيو. ڪشمير فروشي ڪندڙ شخص چوي ٿو ته مون کانسواءِ ڪشمير تي ڪنهن ڳالهه نه ڪئي، ڪشمير فروشي ڪندڙ شخص چيو ته ڪشمير هاءِ وي کي سري نگر هاءِ وي جو نالو ڏئي اٿ ويهه ڪريو ته ڪشمير آزاد ٿي ويندو، عمران خان چيو ته مودي کٽي ويو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته عمران خان پرڏيهي پاليسي کي تباهه برباد ڪيو، معيشت جو جيڪو حال ڪيو ان جو خميازو اڄ تائين عوام ڀوڳي رهي ??هي?? ان شخص جا ڪوڙا بيانيا هر ڏينهن دفن ٿين ٿا. مديني جي رياست جي نالي تي هن عوام کي بيروزگار ڪيو، معاشي دهشتگردي ڪئي ۽ ملڪ ۾ بيروزگاري ڪئي. حڪ??مت ۾ رهي هن ڪوڙ ڳالهايو، ڪرپشن جي بيانيي تي هن سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، اڄ اهو بيانيو به ختم ٿي ويو، ان تي هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ جا فيصلا به اچي ويا. ان کانپوءِ امر بالمعروف جي نالي جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ سازشي خط جو بيانيو لهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، 25 ڏينهن تائين هي خط کي وساريندا رهيا، جن ڌمڪي ڏني انهن کي ايمبيسي ۾ گهرائي تقريرون ڪرائيندا رهيا. هن چيو ته ملڪ کي عمران خان جهڙي ڪوڙي ۽ سازشي کان آزادي گهرجي، اسان ان جي نالائقي ۽ نااهلي کان پارليامينٽ کي آزاد ڪرايو، ملڪ ۽ پاڪستان جي سياست کي به ان جي ڪوڙي ۽ ناڪام سياست کان آزادي ڏيارينداسين. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪرائڻ جو اختيار اسان وٽ ??هي?? جڏهن اسان چاهينداسين اليڪشن ٿيندي، تماشو ڪرڻ سان اليڪشن نه ٿيندي. هن چيو ته عمران خان اليڪشن جي مطالبي جو اختيار وڃائي چڪو ??هي?? بي اعتمادي رٿ کان اڳ وٽس اليڪشن ڪرائڻ جو آئيني اختيار هو. هن چيو ته هاڻي اليڪشن ان وقت ٿيندي جڏهن اليڪشن ڪميشن تيار هوندي ۽ حڪ??مت ۽ ان جا اتحادي چاهيندا. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ادارن کي آئين جو تحفظ حاصل ??هي?? انهن جي خلاف جيڪو شخص ڳالهائيندو، ان تي زيرو ٽالرنس آهي. پيمرا هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو ??هي?? اهو اطلاعات واري وزارت جي ڊائريڪشن ۾ نه ٿو اچي. ملڪ ۾ اهڙو اطلاعات وارو وزير به موجود نه آهي جيڪو پيمرا کي سياسي مخالفن جي آواز بند ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به آئيني اداري کي ب??نام ڪرڻ تي زيرو ٽالرنس آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چار سال اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ چار هفتا اقتدار ۾ آيل حڪ??مت کان مهانگائي ۽ بيروزگاري تي سوال ڪري رهيو ??هي?? ان مان سندس ذهني توازن جي خبر پوي ٿي، اسان سندس علاج مفت ۾ ڪرائينداسين، هي ايڊمٽ تي ٿئي. هن چيو ته عمران خان جا روزانو بيان بدلجن ٿا. آئين ۽ ووٽ ذريعي ان کي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪيو ??هي?? کيس اڄ تائين سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته ان سان ٿيو ڇا آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 126 ڏينهن عمران خان ڌرڻي ۾ ويٺل رهيو هو ڇا هو استعيفيٰ وٺي ويو هو. هن چار سال اقتدار جي ڪرسي تي ويهي وقت ضايع ڪيو. هن چيو ته عمران خان خوني مارچ جا بيان ڏئي رهيو ??هي?? ان تي زيرو ٽالرنس ??هي?? آئين، جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ان ڳالهه جي اجازت نه ٿا ڏين ته ملڪ جي اندر خوني مارچ ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان ڪهڙي ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيو ??هي?? چار سال هي حڪ??مت ۾ رهيا، ووٽ جي ذريعي کيس پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍيو. اڄ اهي اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته جڏهن اهي اقتدار ۾ هئا ته اليڪشن ڪرائي ڇڏين ها، توهان کي ڪنهن منع ڪيو هو؟ هن چيو ته عمران خان هڪ هارايل ۽ ناڪام شخص آهي جيڪو ملڪ جي اندر فساد چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان جي ڪا ڌمڪي ۽ گدڙ ڀڀڪي قبول نه ڪئي ويندي. لگزري آئٽمز جي درآمد جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته جيڪا ايل سي کلي وئي آهي ۽ ادائيگيون ٿي چڪيون آهن، اهو سامان هاڻي ملڪ ۾ اچي چڪو ??هي?? وفاقي حڪ??مت سمري تحت ڪابينا جي منظوري کانپوءِ اڄ اهو فيصلو ڪيو ??هي?? ته اڄ کانپوءِ ڪو آرڊر يا ڪا شيءَ پاڪستان درآمد نه ڪئي ويندي. ڪڻڪ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ان حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي ??هي?? صوبن کي ڪڻڪ جي خريداري جا هدف ڏنا ويا اهن. ذخيره اندوزي جي حوالي سان پڻ انتظامي طريقي سان آپريشن جاري آهي.
عمران خان جيترو مرضي ڌمال وجهي، گوڙ ڪري، سندس مقصد ملڪ ۾ انتشار ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ آهي، هي پنهنجي چوري تان نظرون نٿو هٽرائي سگهي، کيس پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي: اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ