اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪي معي??ت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا ه??ڃيڪار اثر درپيش آهن، موجوده حڪومت کي گذريل حڪومت جي بدانتظامي جي مسئلن کانسواءِ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻو پيو، غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود حڪومت ڏي??هن رات محنت سان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي مالياتي فرم روٿ چائلڊ اينڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائي??دي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائي??دي وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان جي معي??ت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻير هي آهي. هن وڌيڪ چيو ته غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا ه??ڃيڪار اثر به درپيش آهن. وفد پاڪستان جي معاشي صورتحال کي مستحڪم قرار ڏي??دي چيو ته پاڪستان جي باصلاحيت افرادي قوت ان جي اصل طاقت آهي. وفد وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج خطي جي بهتر ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينجز مان هڪ آهي. وفد جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان تازن ڏي??هن ۾ عالمي سطح تي موثر انداز ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن بابت آگاهي پي??ا ڪئي، پاڪستان جي معيشت جي لاءِ موجوده حڪومت جا قدم ان کي مثبت رخ طرف گامزن ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج