اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي فراه??ي جي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ شهرين کي مفت اٽي جي فراه??ي جي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئي. وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ مفت اٽو فراه??ي جي سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جيڪي ماڻهو شامل نه آهن انهن جي لاءِ جدا ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم اٽي جي ورڇ جي لاءِ سهولتن تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي ت?? وزيراعظم ڪمزور شهرين کي انتظار ??را??ڻ کانسواءِ انهن کي فوري اٽي جي فراه??ي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم بزرگ شهرين ۽ عورتن کان اٽي ورڇ جي حوالي سان ڏني ويندڙ سهولتن بابت پڻ معلوم ڪيو. هن مستحق ماڻهن ۾ پنهنجي نگراني ۾ مفت اٽو ورهايو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اٽو ورهائڻ جي لاءِ سٺا انتظام ڪيا ويا آهن، عوام جو انگ به تمام وڌيڪ آهي، انهن سڀني کي ويهڻ جي مناسب سهولت ڏني پئي وڃي جيڪا خوش آئنده آهي، اسان کي آپريشنل مسئلن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انتظاميا سچائي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿو، مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ فوري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته فوٽو ڪاپي تي ??ٽي جي فراه??ي جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي فوري آگاهه ڪري. هن چيو ته هتي ڪارڪردگي تمام گهڻي حوصلي جوڳي آهي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ مفت اٽي فراهمي جي مرڪز جو دورو، شهرين کي مفت اٽي فراهمي بابت سهولتن جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil