اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان کي شاندار لفظن ۾ ساراهيندي چيو آهي ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪش??يري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارت?? ۽ ??ياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ جي – 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جي ڀارتي قدم کي رد ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ان پس منظر ۾ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ عالمي قانون ??ي مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ان اجلاس جي ميزباني ڪئي. ترجمان چيو ته جي – 20 اجلاس جو تڪراري علائقي ۾ منعقد ٿيڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي ماڻهن سان غداري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن کان هو ان انتظار ۾ آهن ته عالمي برادري انهن جي خ??اب حالت تي ڌيان ڏ?? ۽ ??نساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ڪري. هن چيو ته مق??مي آبادي کي يرغمال بڻائ?? ۽ ??نهن کي انهن جي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري سياحت ۽ ترقي کي فروغ نه ٿو ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ سان ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڪش??يري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي. هن ڀارت پاران ڪش??ير ۾ حالتون معمول تي اچڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته تلخ حقيقت اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير زمين تي سڀ کان وڏي فوجي علائقن مان هڪ آهي. هن چيو ته سرينگر اجلاس جي ڀرپاسي انتهائي حفاظتي قدم، وڏي پئماني تي گرفتاريون ۽ مق??مي آبادي کي هراسان ڪرڻ نئين آبادياتي علائقي ۾ معمول جي حالتن جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ حالتن کي معمول تي آڻڻ جي پٺيان لڪائڻ ۾ واضح طور تي ناڪام رهيو آهي، جيڪو سرينگر اجلاس ۾ هيٺئين سطح جي نمائندگي ۽ ڪيترن اهم نمائندن جي غيرموجودگي مان ظاهر ٿئي ٿو. هن سرينگر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي عو??مي جمهوريه چين، سعودي عرب، جمهوريه ترڪيه، عرب جمهوريه مصر ۽ سلطنت اومان کي ساراهيندي چيو ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن. ترجمان واضح ڪيو ته جي – 20 جو قيام بنيادي طور تي عالمي ماليات?? ۽ ??قتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ان اجلاس کي منعقد ڪري هڪ ٻئي عالمي فورم تي سياست ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي مفاداتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ موجوده چيئر جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته ان بدران ڀارت کي عالمي ميڊيا ۽ آزاد انساني حقن جي تنظيمن کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي صورتحال تي رپورٽ ڪرڻ جي لاءِ گهرائي بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ فراهم ڪرڻ گهرج?? ۽ ??تي جاري ڏاڍ جو خاتمو ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ڪميشن آف انڪوائري جي قيام سان اتفاق ڪرڻ گهرجي ۽ ڪش??ير جي ماڻهن جي لاءِ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل جو پاڻ تعين ڪري سگهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪش??يري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارت?? ۽ ??ياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته 22 مئي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي قانونساز اسيمبلي کي خ??اب ڪيو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي قانونساز اسيمبلي کي خ??اب ڪندڙ پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير پنهنجي خ??اب ۾ ڪش??يري عوام جي همت کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن لائين آف ڪنٽرول ويجهو رهندڙ آبادي سان مخلصاڻي همدردي جو اظهار ۽ ڪش??يري عوام سان پاڪستان جي پراڻي ڳانڍاپي ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان پاران سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان جي شاندار لفظن ۾ ساراهه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری