اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شير?? رحمان، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه?? ۽ ??ينيٽر نثار کهوڙو شامل هئا. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير ا??سن اقبال پڻ موجود هئا. وفد معاشي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena