اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه اظهار راءِ جي آزادي تي ڀاشن ڏيندڙن چار سال پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو، صحافين جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، گذريل چار سال اظهار راءِ جي آزادي ج?? گلو دٻايو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين کان جڏهن معاشي بدحالي، مهانگائي، آءِ ايم ايف معاهدي ج?? خلاف ورزي ج?? پڇو ته چوي ٿو ته مون وٽ معاشي ٽيم سٺي نه هئي، توشه خانه ۽ 190 ملين جي چوري ج?? پڇو ته ملبو پنهنجي ايم ايس ۽ پنهنجي ڪابينا تي وجهي ڇڏي ٿو، هي ??خص بالٽي، دٻو، فراسي وجهي ??دالت پيش ٿئي ٿو، ان وٽ چوري ج?? ڪو جواب نه آهي، اسان گذريل چار سال سي??سرشپ ڀوڳي آهي، اسان بالٽي، دٻو ۽ فراسي منهن تي وجهي نه ويٺاسين پر ڪنڌ کڻي بهادري سان ان جو مقابلو ڪيو، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع سنجيده قانونسازي آهي، منهنجي درخواست تي اه?? بل ??ين??ٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو، ان تي تعميري راءِ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال هڪ نالائق، نااهل، چور ۽ فاشسٽ ٽولو پارليامينٽ ۽ حڪومت تي قابض هو جنهن چار سالن تائين پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو ۽ اڄ صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڀاشن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي مان منظوري کانپوءِ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع اڄ ??ين??ٽ ۾ پيش ڪيو، ان بل جي تياري تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي، ميڊيا جي سمورين نمائنده تنظيمن بشمول پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن ان بل تي پنهنجي راءِ ڏني ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي ج??هن آئون انهن سڀني ج?? ٿورائتي آهيان. هن چيو ته هي هڪ اهڙو بل آهي ??يڪو پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي سگهه ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اڄ ??ين??ٽ ۾ جڏهن بل پيش ٿيو ته ٻئي طرف ويٺل ??ين??ٽرن ان بل تي ڳالهه ڪرڻ چاهي، مون ان بل بابت ??ين??ٽ کي آگاهه ڪيو ته بل ۾ ڪهڙيون ترميمون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته 2002ع جي مشرف دور ۾ پيمرا آرڊيننس تحت ڪا انفارميشن ميڊيا تي نه ٿي هلائي سگهجي ج??ستائين ان ۾ موقف موجود نه هجي. هن چيو ته هن بل ۾ مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ غلطي ج?? گنجائش کي رکيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين کان اختيار وٺي اٿارٽي ۽ پوءِ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ کي ڏنو ويو آهي. ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ به ميديا کي نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته هي ??ل اٽڪل 20 ڏينهن تائين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو، ان تي مشآورت به پبلڪ ٿيندي رهي ??هي. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل جي سمورين ميڊيا تنظيمن، قومي اسيمبلي، قومي اسيمبلي ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني ۽ منهنجي خواهش آهي ??ه هن بل تي ??ين??ٽرز جي به راءِ اچي، هي هڪ سنجيده قانونسازي آهي، ان کي تڪراري نه ٿا بڻائڻ چاهيون، مون ??ين??ٽ چيئرمين کي درخواست ڪئي آهي ??ه هي ??ل ??ين??ٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته ??ين??ٽ چيئرمين منهنجي درخواست منظور ڪندي هي ??ل ??ين??ٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن بل تي ??ين??ٽرز جي راءِ وٺڻ جي لاءِ فل هائوس هو، اتي راءِ اچي سگهي پئي پر اسان ان تي هڪ پراسيس کي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪنهن به قسم جو ڪو اعتراض نه اچي ان لاءِ هن بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته هي اه?? دور نه آهي ??ڏهن صحافين جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا وڃن، جڏهن ملڪ جي وزيراعظم کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ملي، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون لڳن، انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙيون وڃن. هن چيو ته هن بل جي پراسيس کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ??ين??ٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي پوري قيادت سي??سرشپ ڀوڳي آهي، گذريل چار سال اظهار راءِ جي آزادي ج?? گلو دٻايو ويو، اسان بالٽي، دٻو ۽ فراسي منهن تي وجهي نه ويٺاسين پر اسان ڪنڌ کڻي بهادري سان ان جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته پيمرا (ترميمي) بل تي سمورن ??ين??ٽرن جي راءِ اه??يت رکندڙ آهي، بل تي تعميري راءِ هجڻ گهرجي ته جيئن قانونسازي کي بهتر بڻائي سگهجي پر مخالفت براءِ مخالفت نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ”ڪو ريگيوليشنز“ ۽ ”سيلف ريگيوليشنز“ طرف وڌي رهي ??هي، ان ڏس ۾ پوري دنيا جي قانونن ۽ طريقن کي ڏسندي پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي ج??اب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? چيئرمين مفرور آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿئي ٿو، هي ??ل تمام اه?? آهي، ان ۾ دير نه ٿي ڪري سگهجي، ??ين??ٽ چيئرمين وٽ اختيار آهي ??ه هو ڪميٽي ج?? ميمبرن مان ڪنهن کي به قانونسازي ج?? لاءِ وقتي چيئرمين بڻائي سگهي ٿو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي آر اي هن بل جي تياري ۾ منهنجي ڀرپور رهنمائي ڪئي، ان ترميمي بل تحت ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ ڪنهن ميڊيا تنظيم جي نالي سان نمائندگي ج?? لفظ نه آهي پر ميڊيا ورڪنگ جرنلسٽس جي نمائندگي ج?? لفظ داخل آهي. هن چيو ته اٿارٽي ج?? ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جنهن بابت به معاملو هوندو، ان کي گهرائي سگهي ٿي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ان جي نيت ۽ مقصد صاف آهي، سي??سرشپ اسان ڀوڳي آهي پر موجوده اپوزيشن ناهي ڀوڳي. هن چيو ته اسان جي نيت صاف آهي، انشاءَ الله هي ??ل ??ين??ٽ مان به منظور ٿيندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان جڏهن پڇيو وڃي ته معيشت ڇو بحال نه ٿي، ڇو بدحالي ج?? شڪار ٿي، مهانگائي ڇو ٿي، آءِ ايم ايف وٽ ڇو ويا، ڇو انهن جي سخت شرطن تي صحيحون ڪيون، پوءِ ان جي خلاف ورزي ڇو ڪئي ۽ پروگرام معطل ڇو ڪرايو ته جواب ڏي ٿو ته موٽ سٺي معاشي ٽيم نه هئي، جڏهن کانئس 190 ملين جي چوري ج?? پڇو ته چوي ٿو ته مون کي ڪهڙي خبر، منهنجي ڪابينا کان پڇو. جڏهن توشه خانه جي گهڙيءَ تي ج??اب گهرو ته چوي ٿو ته منهنجي ايم ايس کي خبر هوندي، اه?? خريد ۽ وڪرو ڪندو هو ۽ پوءِ دٻو، فراسي ۽ بالٽي منهن تي وجهي ??دالت ۾ پيش ٿئي ٿو. هن چيو ته هي اه?? شخص آهي ??يڪو پاڪستان جي عوام سان اکيون نه ٿو ملائي سگهي.
اظهار راءِ جي آزادي تي ڀاشن ڏيندڙن چار سال پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena