اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي، بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ چئني صوبن ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آه??، جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. نگران وز??راعظم چيو ته نگران حڪومت گورننس جي حوالي سان پ??هنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آه??، ذخيره اندوزي، مهانگائي ۽ اسمگلنگ جي حوالي سان صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وئي آه??، ماڻهن ۾ اهو تاثر هو ته اها هڪ هفتي يا ڪجهه ڏينهن جي مهم آه?? پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها هفتي ٻن هفتن جي ڳالهه نه آه??، پاڪستان جي اقتصادي صحت جي حوالي سان قدم جاري رهندا. نگران وز??راعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ذخيره اندوزي، مهانگائي، پرڏيهي ناڻي ۽ بجلي جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا ويا آه?? انهن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آه??. لاڳاپيل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پ??هنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آه??، اڳ ۾ اها خبر ئي نه هئي ته هي ڪنهن جو ڪم آه??، ان رجحان کي بدلائڻ جي ضرورت آه??، بيوروڪريسي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪندا ۽ گورننس جي لاءِ جتي ضرورت پوندي فوج جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون، جيڪو هڪ بهترين ۽ منظم ادارو آه??، ان سان گڏوگڏ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو، جيڪو وقت جي ضرورت آه??، سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي سان انهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ۾ بهتري ايندي. نگران وز??راعظم ادارن کي پنهنجي اپروچ بهتر بڻائڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چئني صوبن ۾ حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آه??. چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز بهترين ڪم ڪري رهيا آه??، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي خلاف خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بهترين قدم کنيا ويا آه??، آءِ بي جو ان حوالي سان تمام اهم ڪردار آه??، هن گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف ڪوششن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان حوالي سان گڏيل ڪوششن جي ضرورت آه??.
گورننس ۾ بهتري جي لاءِ سول ادارن جي ڪارڪردگي کي آهستي آهستي بهتر بڻايو پيو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ