گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي ز??ر ڏنو آهي اها ايس ڊي جي?? سمٽ ۽ خاص طور تي ايس ڊي جي?? جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد“ بابت اعليٰ سطحي مڪالمي دوران نگران وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ وڏي مالياتي فرق کي ڏسندي ??نه?? کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جي??) حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته گڏيل قومن جي نظام کي اسرندڙ ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي امڪانن جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا، سرمائي جي وڌيڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جي?? بابت بئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ ملڪن کي ايس ڊي جي?? جا منصوبا حاصل ڪرڻ ۽ ??نه?? تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورين آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ ز??ر ڏنو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي به ايس ڊي جي?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي ز??ر ڏنو.
عالمي برادري ايس ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب