اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي مسلم ڪمرشل بئ??ڪ پاران بئ??ڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي متاثر شخص کي 30 لک رپيا واپس ۽ ذميوار بئ??ڪ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب محمد منير احمد وغيره (شڪايت ڪندڙ) جو بئ??ڪ جي گوجره روڊ برانچ ۾ گڏيل اڪائونٽ هو، مارچ 2021ع ۾ اڪائونٽ بيلنس ۾ تمام وڏي گهٽتائي نظر آئي، 39 لک کان وڌيڪ ماليت جون 292 ڊپازٽ سلپس اڪائونٽ ۾ جمع ئي نه ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ وٽ بئ??ڪ عملدارن جون صحيح ٿيل ۽ ٺپو لڳل ڊپازٽ سلپس موجود هيون، صارف شڪايت جي ازالي جي لاءِ بئ??ڪ سان را??طو ڪيو پر بئ??ڪ دعويٰ رد ڪري ڇڏي. صارف شڪايت جي ازالي لاءِ بئ??ڪنگ محتسب سان را??طو ڪيو. بئ??ڪنگ محتسب جو صارف جي حق ۾ فيصلو اچڻ تي بئ??ڪ صدر کي درخواست ڪئي. صدر ايوان صدر ۾ ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئ??ڪ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر مسلم ڪمرشل بئ??ڪ فراڊ ۾ ملوث گوجره روڊ جهنگ برانچ جي بدعنوان اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪري ملوث عملي جي خلاف ايف آءِ آر سميت فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ ۽ متاثر ڌر کي 30 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته رڳو هڪ چانهه واري تي فراڊ جي ذميواري وجهڻ کل جوڳي آهي، بئ??ڪ عملي جي ملي ڀڳت کانسواءِ بئ??ڪنگ ضابطي جي خلاف ورزي ممڪن نه آهي.
صدر پاران بئنڪ کي متاثر شخص کي 30 لک رپيا واپس ڪرڻ ۽ ذميوار بئنڪ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج