اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي درپيش چئلينج?? ۽ ??سئلن جي حل جي لاءِ قومي سطح تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ايندڙ چو??ڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاندي جي موقعي تي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان ??فا??ي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينج?? ۽ ??سئلن جي حل لاءِ اهل قيادت جي چو??ڊ ضروري آهي، اميد آهي 8 فيبروري جي چو??ڊن کانپوءِ جيڪا به چو??ڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته نگ??ان حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪايتون آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيلڊ جي گلا ڪري رهيُون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چو??ڊون ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز درپيش آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر