اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، توانائي واري وز??رت گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪري، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي حڪمت عملي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي اسان ترجيحي بنيادن تي معيشت جي بحالي لاءِ قدم کنيا، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪومت هر مڪن قدم کڻي رهي آهي. هن توانائي واري وز??رت کي هدايت ڪئي ته گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته گردشي قرصن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بجلي چوري جي خاتمي واري آپريشن سان بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي وصولين ۾ خاطرخواهه بهتري آئي آهي. اجلاس کي پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن جي گردشي قرضن جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مختلف ڪمپنين جي گردشي قرضن جي حوا??ي سان آگاهه ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل وز??رت کي ناڻي واري وز??رت سان مشاورت کانپوءِ هڪ ٺوس، پائيدار حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
حڪومت گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ