اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي ترقياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن لازمي ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پروگرامز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙ?? جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منصوبابندي واري وزارت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پ??رٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پ??وگرام ۾ اهڙا منصوبا آندا وڃن جنهن سان ملڪ جي پائيدار ترقي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته سمورن وڏن قومي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي. هن وزيراعظم جي ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙ?? جي هد??يت ڪئي. اها ڪميٽي پي ايس ڊي پي پروگرام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙ?? جي حوالي سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون تجويزون جوڙيندي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پروگرامز ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ رابطا بهتر بڻائ?? جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم سم??ري?? و??اق?? وزارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پ??رٽنرشپ منصوبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪر?? جي هد??يت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري و??اق?? وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري و??اق?? وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن واري و??اق?? وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري و??اق?? وزير مصدق ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão quina