اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفن?? ۾ ??ن چيو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ت??او?? جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳا??هه ٻو??هه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي ت??او?? کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام سان عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير بيراموف گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي ت??او?? ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آبا?? ۾ ??قتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي.
آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي دوري خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات