اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آه?? ته سيرت النبيﷺ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، حضور اڪرمﷺ جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشني جو ٿنڀ آهي، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 49هين قومي سيرت النبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??يرت النبيﷺ جي موقعي تي پوري قوم ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي عيد ميلادالنبيﷺ جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ??ضور اڪرمﷺ جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشن??ءَ جو ٿنڀ آهي. سيرت النبيﷺ صرف عالم اسلام ناهي پر انسانيت لاءِ زندگيءَ جو هڪ عظيم مثال آهي. سيرت النبي سمورن انسانن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ??لله تعاليٰ انسانن جي هدايت ۽ رهنمائ??ءَ لاءِ آخري نبي حضرت محمدﷺ کي موڪليو. هن چيو ته پاڻ سڳورنﷺ جا پاڪ اخلاق ۾ اخلاقيات ۽ روزمره جي رهنمائي ڪئي وئي آهي جنهن سان صرف عالم اسلام ئي نه پر عالم اسلام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، پنهنجون زندگيون سيرت مطابق گذارڻيون پونديون، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.
سيرت النبيﷺ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، حضور اڪرمﷺ جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشني جو ٿنڀ آهي: ڪي پي ڪي جو گورنر
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ