ڪوئيٽه-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستا?? پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊر?? جي تجويز?? جي آجيان ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز لائرز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي حوالي سان بلوچستا?? جي عوام ۽ وڪيلن وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان اهڙي آئيني عدالت ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن صوب?? جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پ پ آئيني ??رم??من ??اءِ پنهنجون تجويزون ڏيندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته 18هين ??رم??من ۾ جج?? جي مقرري بابت جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا انهن کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته جج?? جي مقرري جي ن??ام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ماضيءَ ۾ اسان کي چيو ويو ته جج?? جي مقرريءَ بابت تجويزون واپس وٺو، ٻي صورت ۾ پورو آئيني ??رم??م جو عمل واپس ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ اسان 30 سال جدوجهد ڪئي هئي، اُن وقت ججن پنهنجي رولز ذريعي پارلياماني ڪميٽي جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته آئيني عدالت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پ پ جي تجويز آهي ته صوب?? جي سطح تي پڻ آئيني عدالتون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڌار آئيني عدالت قائم هجي، اتي سمورن صوب?? جي نمائندگي هجي ۽ عوام کي جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊر?? جي تجويز?? جي آجيان ڪريون ٿا. هن زور ڀريو ته پارٽي جا تجربيڪار وڪيل پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پارٽي منشور ۽ ڪارڪردگي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهين، پ پ هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، پنهنجي منشور موجب عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي منشور مطابق سياسي ڪيس اڳيان وڌائينداسين.
پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : bolão quina