اسلام آباد – 07 – آڪ??وبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته کيس گذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گهرو صدمو پهتو آهي. اسان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند پاڪستاني نه ٿا ٿي سگهن پ?? ا??ي پاڪستان جا دشمن آهن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي لاءِ جاچ جاري آ??ي ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان انهن جي سلامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ