اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تع??ون تنظيم جي 23هين حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر آمد تي حڪومتي سربراهن ۽ نمائندن جو والهاڻو استقبال ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هئا. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ايران جي صنعت واري وزير سيد محمد اتابڪ سڀ کا?? پهرين جناح ڪنوينشن سينٽر پهتا جتي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندن آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولو وچينڪو، ڪرغزستان جي ڪابين?? جي وزيرن جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، منگولي?? جي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراي، ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف، ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابين?? جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ۽ قازقستان جي وزيراعظم اولز هائوس بيڪو تينوو، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر جي آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. استقبال کانپوءِ شنگهائي تع??ون تنظيم جي 23 هين حڪومتي سربراهن جو اجلاس باضابطه ط??ر تي شروع ٿيو.
وزيراعظم پاران ايس سي او سي حڪومتي سرابراهن جي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن جو شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena