اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضم??نت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي درخواست واري ضم??نت تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پ??اسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻيءَ دور??ن عدالت پُڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آف??سر?? قيمتون لڳايون انهن بابت ڇا ڪارروائي ٿي؟ ان تي ايف آءِ اي پ??اسيڪيوٽر ٻُڌايو ته ڪسٽمز آف??سر?? کان ڪوتاهي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، جن مالي فائدو کنيو اهي بينفشري ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب ٿيا. پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غير قانوني طور تي پ??ڻ وٽ رکيو ۽ توشه خانه ۾ جمع ئي نه ڪرايو. پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پ?? ميڊيا ۾ پهريان کان ئي آهي ته ضمانت ٿي ويندي. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا کان پاڻ کي آجو ڪريو. جسٽس گل حسن اورنگزيب جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ چيو وڃي ٿو ته ڄاڻي واڻي بيمار ٿي پيو آهي، ڄاڻي واڻي نه آيو، ميڊيا جيڪڏهن سنسني نه پکڙيندو ته سندن ڪاروبار ڪيئن هلندو. بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضم??نت منظور ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10-10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٽرائل ڪورٽ آڏو به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هي سيٽ جي وڌيڪ قيمت لڳائڻ جي شاهدي جو معاملو آهي، دٻاءُ جو معاملو اڃا ثابت ڪرڻو آهي، ٽرائل دور??ن عدالت سان تعاون نه ڪيو ويو ته ضم??نت واپس ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته نيب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha