اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سوار محمد حسين شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) 1971ع جي جنگ ۾ بي مثال بهادري ۽ ??رئ?? جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن جي نشاندهي ڪندي ٽينڪ تباهه ڪندڙ توپن سان دشمن جون 16 ٽينڪون تباهه ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) پنهنجي پيشيواراڻي عسڪري مهارت ??ان دشمن جي طاقت جي نشي ۽ عددي برتري جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ??رئ?? ۽ بهادري جو مثال قائم ڪندي ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته سوار محمد حسين شهيد جو ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۽ عهد وفا نڀائيند?? شهادت ماڻڻ جو عمل ايندڙ نسلن جي لاءِ قابل تقليد آهي. مون سميت پوري قوم کي پنهنج?? شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.
وزيراعظم پاران سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ