اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دو??ي تي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دو??و ڪندو. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ايف بي آر جي ڪ??ٽم ڪليئرنس جي خودڪار نظام جو افتتاح ڪندو. ان نظام جو مقصد ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وزيراعظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دو??ي ۾ ان خودڪار نظام کي لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. وزيراعظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دو??و ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ پوري دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. دو??ي ۾ وزيراعظم آغا خا?? يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي و??رو وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، مملڪتي و??ير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ به وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔