اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي علائقي شي زانگ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام سان يڪجهتي، ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته ان سانحي تي پوري پاڪستاني قوم سوڳوار آهي. هن سانحي جي متاثرين ۽ انهن جي خاندانن ??ان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستاني قوم ان ڏک ۽ مشڪل جي گهڙيءَ ۾ چين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??ي ٿي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل