انقره -03 اپريل (اي پي پي ) ترڪيه جو پرڏيهي و??ير حقان فيدان نيٽو جي سال 2024 ع پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو . ٽي آر ٽي موجب ترڪيه نيٽو سربراهي اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف جنگ کي ايجنڊا ۾ آڻيندو .نيٽو جو پرڏيهي و??ير 2024 جي پهرين اجلاس لاءِ 3 کان 4 اپريل تي بيلجيئم جي گادي واري هنڌ برسلز ۾ ملاقات ڪندو. اجلاس ۾ ترڪيه جي نمائندگي پرڏيهي و??ير حقان فيدان ڪندو. اجلاس جي ايجندا ۾ جنرل ڊٽرنس جي معاملن ، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ يوڪرين ۾ اڳڀرائي شامل هوندي. سوئيدن ۽ فن لينڊ جي رڪنيت کانپوءِ اتحاد جي تازي صورتحال ۽ واشنگٽن سمٽ جون تياريون به ايجندا ۾ شامل هونديون. حقان فيدان اتحادين لاءِ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ هڪ ٻئي تي پابنديون جيڪي اتحاد جي روح جي خلاف آهي کي ختم ڪرڻ ۽ يورپ جي د??اع ۽ سلامتي کي بهتر طريقي سان يقيني بڻائڻ جي باري ۾ ترڪيه جي خي??لن بابت آگاهه ڪندو. ان موقعي تي پرڏيهي و??ير فيدان جو پنهنجي برطانوي جرمن بلغاريائي ۽ فن لينڊ جي هم منصبن جي سان ٻه طرفيون ملاقاتون ڪرڻ جو به ارادو آهي.
ترڪيه جو پرڏيهي وزير نيٽو جي سال 2024 ع پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ