بغداد -06 آگسٽ (اي پي پي) عر??ق ۾ عين الاسد ايئر بي?? تي راڪيٽ حملي ۾ ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن . فرانس جي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري کاتي جي ترجمان چيو آهي ته عين الاسد ايئر بي?? تي آمريڪي ۽ اتحادي فوج خلاف گذريل ڏينهن هڪ شڪي راڪيٽ حملو ٿيو، جنهن سبب ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪار حملي بعد ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ وڌيڪ معلومات دستياب ٿيڻ تي فراهم ڪئي ويندي. عر??ق ??ي فوج?? ذريعن ان کان اڳ چيو هو ته ايئر بي?? تي ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا، ڪجهه ان جي اندر ڪريا ۽ ڪجهه ويجهن ڳوٺن ۾ ڪريا، پر ڪوبه نقصان ناهي ٿيو. واضع رهي ته عر??ق ۾ آمريڪي فوج جا 2500 ۽ شام ۾ 900 اهلڪار مقرر آهن.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن