بيروت-25 آڪٽوبر(اي پي پي) لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي چيو آهي ته لبنان جي آئين ۽ قانون موجب هٿيار رکڻ جو اختيار صرف فوج کي هجڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽن موجب لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان ۾ جنگ بندي لاءِ تمام گهڻو ??ال??ي دٻاءُ موجود آهي.هن لبنان جي حمايت لاءِ منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو جنگ بندي جو فيصلو اسرائيل جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ کان ا ڳ انهن جو تحفظ ضروري آهي. ان لاءِ پهرين جنگ بندي ۽ بعد ۾ 1701 ٺهراءَ تي عملدرآمد کي ترجيح ڏني ويندي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته آئين ??وجب لبنان ۾ هٿيار رکڻ فوج تائين م??دود هجڻ گهرجن. نجيب ميقاتي جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن حزب الله ۽ ا??رائيل وچ ۾ گولا باري ۽ بمباري جو سلسلو جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores