اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پ?? پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته غيرمنقولا جائيداد تي ??ملدرآمد لاءِ آرڊيننس آندو پيو وڃي، صدر انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2016ع تي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب هائوس ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر، ڊاڪٽر عبادالله، شهاب الدين خان ۽ انجنيئر امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سول سروس آف پاڪستان جي آفيسرن تي ??رڪاري پلاٽ جي وڪري تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي شرح اڌ هوندي، غيرمنقولا جائيداد جي حوالي سان فيصلو ٿيو آهي، اهو قان??ن ذريعي ٿيندو، اهو مني بل طرز تي هوندو تنهن هوندي به ان جي لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن اهو جلد لاڳو ٿئي، مني بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، سينيٽ جو 5 آگسٽ کان اجلاس آهي، هتي ??ه اهو بل پيش ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن