اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف کي فاٽا سڌارن واري ڪميٽي پاران پيش ڪيل رپورٽ کي عام ڪيو ويندو ته جيئن ان تي وڌيڪ بحث خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ انهن سفارشن تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. وز??راعظم هائوس پاران جاري بيان موجب فاٽا ۾ سڌارن بابت رپورٽ تي ڪالهه اربع ڏينهن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ٿيل اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي پي پي کي مليل تفصيلن موجب وز??راعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ 5 رڪني فاٽا سڌارن واري ڪميٽي وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا جي پارليام??نٽ ميمبرن، قبائلي اڳواڻن ۽ سمورين ڌرين سان ملاقاتن کانپوءِ سڌارن جي لاءِ چار بنيادي آپشنن جي سفارش ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado