لاهور – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ظالم دنيا ۾ اڪيلو هوندو آهي، اڪيلائپ کان بچڻ جي لاءِ ڀارت کي ڪشميرين تي ظلم بند ڪرڻا پوندا، ڀارت پاران ڪشميري عوام تي ظلم ڪيا پيا وڃن. الحمرا هال لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ه?? چيو ته بلوچستان جي هر ڪاليج، هر پلي گرائونڊ ۾ پاڪستاني گڏ ٿي ملڪ جو قومي ترانو ڳائين ٿا، بلوچستاني ٻين پاڪستاني?? وانگر سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني آهن، بلوچستان ۾ هڪ به آواز نه آهي جيڪو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ٻڌڻ ۾ اچي ۽ سندس ڪن ۾ ڪا خوشي جي ڳالهه ٻڌائي سگهي، اصل ۾ بلوچستان مان پاڪستان زندهه آباد جا نعرا کيس سٺا نه ٿا لڳن پر هو بلوچستان مان پاڪستان زندهه آباد جا نعرا ٻڌندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ