اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آئيني ادارن کي ڌمڪائڻ عمرا?? خان جي عادت بڻجي چڪي آهي، آئيني ادارن جو احترام ڪرڻ اسان سڀ??ي جو فرض آهي. نجڪاري واري مملڪتي وزير محمد زبير ۽ قومي اسيمبلي ميمبر دانيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ادارن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمرا?? خان جي عادت آهي جيڪا ان حلف نامي جي خلاف ورزي آهي جنهن جو حلف هن قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان کنيو هو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) قومي ادارن جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿي تنهن هوندي به عمرا?? خان پاران روزانو اهڙا الزام هڻڻ سبب اصل حق??قتن جي وضاحت ڪرڻ ضروري هوندو آهي.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات