اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين ئي طاقتور آهن، بجلي وانگر گئس جي ??عبي جو گردشي قرض به وڌي رهيو آهي، درآمدي ۽ ملڪ جي ??ندر پيدا ٿيندڙ گئس جي قيمت ۾ تمام وڏو فرق آهي، درآمدي گئس موجوده قيمت تي فراهم ڪرڻ جي ??ٽ سهي نٿا سگهون، ايندڙ سردين ۾ وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، گذريل 30 سالن ۾ ملڪ جي ??وانائي جي ??رورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪا منصوبابندي نه ڪئي وئي، ماضي ۾ بروقت فيصلا نه ٿيڻ جي ڪري اسان جي ??نعتن تي بار پيو، ملڪي مس??لن جي ??ل لاءِ بحث ۽ مباحثو ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پيٽروليم ڊويزن جي ??هتمام هيٺ گئس جي گهرج ۽ رسد بابت ”پاڪستان ۾ گئس جي وڏي مقدار ۾ فراهمي، استحڪام ۽ سيڪيورٽي??? ج?? موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سبسڊيز ڏيڻ جو مقصد غريب عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ هوندو آهي ته جئين انهن کي سستي سهولت دستياب ٿئي، ٻيو انهن علائقن لاءِ سبسڊي ڏني ويندي آهي جيڪي ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن ته جيئن في ڪس آمدني ۽ جي ڊي پي جي ??رح ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان قرض واپس ڪريون، هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين طاقتور آهن.
پاڪستان ۾ سبسڊيز مان طاقتور ماڻهُوءَ فائدو کڻي رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار