اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه ايشيا جو مستقبل دنيا جو مستقبل آهي، اسان کي چئلينج درپيش آهن پر ترقي ۽ خوشحالي جا زبردست موقعا موجود آهن، ڪورونا سبب متاثر اسرندڙ ملڪن جي ??عيشتن جي بحالي ۽ معاشرتي استحڪام لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز فراهم ڪيا وڃن، ترقي يافته ۽ اسرنڊر معيشتن جي ??چ ۾ ڊجيٽل فرق کي ختم ڪرڻو پوندو، پائيدار ترقي ۽ 2050ع تائين ڪاربن جي ??ڪمل اخراج جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي تي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي ??ن لاءِ ڀارت کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??ائماليون بند ۽ 5 آگسٽ جي ??ڪطرفي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، فلسطين جي صورتحال هر هڪ جي ??اءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهي، گڏيل قومن جي ??اڳاپيل قرارادان ۽ ٻه رياستي نظريي تحت منصفاڻي ۽ ڊگهي ??ل لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، جيستائين هن خطي ۾ پراڻي ۽ ٻين تڪرارن کي حل نٿا ڪريون ترقي جي امڪانن مان ان وقت تائين لاڀ نٿا پرائي سگهون، افغانستان جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي. هو ايشيا جي ??ستقبل جي ??وضوع تي 26هين ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان ڪانفرنس کي خطاب سندس لاءِ اعزاز آهي، ايشيا دنيا جي آبادي جو اڌ آهي، ايشيا جو مستقبل دنيا جو مستقبل آهي، هي ??هو م??ام آهي ??تي گذريل 50 سالن دوران انتهائي فعال معاشي واڌ، ٽيڪنالاجي ۾ ترقي، سماجي تبديلي، صنعت ۽ حرفت ۾ ترقي ۽ انساني ترقي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ ايشيا ۽ دنيا اهم موڙ تي آهن، اسان کي غير معمولي چئلينج درپيش آهي، پر اسان وٽ ترقي، خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻ جا زبردست موقعا به موجود آهن. هن چيو ته هن وقت اسان جي ??هرين ترجيح ڪووڊ 19 جو م??ابلو ۽ ان تي ضابطو آڻڻ آهي، ان وبا گذريل سئو سالا صحت، معيشت ۽ سماجي حوالي سان بدترين بحران پيدا ڪيو آهي، ان وائرس ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو، 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن ان سبب فوت ٿيا، معاشي واڌ ۾ گهٽتائي ٿي، غربت ۾ اضافو ٿيو ۽ بدترين ڳالهه ??ها آهي ??ه بي روزگاري ۾ بي پناهه ??ضافو ٿيو آهي، ان وائرس تي جيستائين مڪمل ڪنٽرول نٿو ٿئي اهو معاشرتي انتشار ۽ ايشيا ۽ دنيا ۾ ڪٿي به امن ۽ سلامتي جي ??اءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته بدقسمتي سان ان سان ڪو به ان وقت تائين محفوظ نه هوندو جيستائين هر ڪوئي محفوظ نه ٿئي، اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ لازمي طور تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪووڊ ويڪسين هر هڪ کي جلد کان جلد هر جڳهه ??ستياب هجي، ويڪسين جي ??راهمي ۽ ورهاست کي فوري طور تي وڌايو وڃي، حقوق دانش معاف ڪيا وڃن، اسرندڙ دنيا سميت ان جي ??يداوار وڌائي وڃي ۽ ويڪسين جي سهولت کي سگهه ڏني وڃي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ان وائرس غريب ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي ??ن جي اثرن سان مقابلي لاءِ ضروري آهي ??ه گهٽ آمدني وارن ملڪن ۽ ٻين مالي پريشاني جو شڪار ملڪن کي بحالي ۽ معاشرتي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز فراهم ڪيا وڃن.
ايشيا جو مستقبل دنيا جو مستقبل آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔