اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، پاڪستان ??يل?? ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ سميت رياستي ميڊيا ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪندو، ان حوالي سان تقريب پاڪ چائنه سينٽر ۾ منعقد ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت پاران شروع ڪيل اسٽيٽ ميڊيا ڊجيٽل ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز سان گڏوگڏ اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت جي اش??هارن جي ڊجيٽلائيزيشن به شامل آهي. خبرن ۽ ٻين خدمتن جي ڊجيٽلائيزيسن جي عمل سان صارفين ۽ عوام کي خبرن تائين تيز ترين ۽ آسان پهچ حاصل ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي ڪوششن سان اطلاعات واري و??ارت جي ڊجيٽلائيزيشن کي فروغ ??ليو. اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان جي ڊجيٽل پاڪستان جي و??ن جي روشني ۾ نيشنل ڊجيٽل انفارميشن پليٽ فارم (اين ڊي آءِ پي) جو حصو آهي، تقريب دوران قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي ڪوالٽي مينيجمينٽ جي پنهنجي معيارن کي عالمي سطح سان هم آهنگ ڪرڻ تي آءِ ايس او:9001:2015 ۽ 27001:2013 سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويندو،
انهن سرٽيفڪيٽس تحت اي پي پي حاضر دور جي گهرجن موجب روايتي ميڊيائي ذريعن کان جديد ۽ فعال ڊجيٽل ميڊيا سروس ۾ تبديل ٿيندي ۽ نون رجحانن کي نظر ۾ رکندي ڊجيٽل پليٽ فارم تي مستند خبرن جي فوري ۽ آسان پهچ جي اهم ذريعي جي حيثيت سان پنهنجو چٽاڀيٽي و??رو ڪردار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪريس گهندي، ڊجيٽلائيزيشن منصوبي تحت اي پي پي پنهنجي صارفين ۽ عوام کي مختلف نوعيت جي خبرن ۽ ڊجيٽل مواد جي فراهمي سان پنهنجي دائري ڪار ک?? سگهه ڏئي رهي آهي،
اي پي پي جي ڊجيٽل پليٽ فارم جي ذريعي قومي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي خبرن، تصويرن، وڊيوز تائين عوام جي فوري ۽ آسان پهچ ممڪن ٿيندي ۽ صارفين پنهنجي پسند جي خبرن ۽ سوشل ميڊيا سميت اداري جي مختلف سروسز مان مستفيد ٿ?? سگهندا، اي پي پي خبرن جي فوري پهچ ۽ پنهنجي ڊجيٽل آرڪائيوز کي برقرار رکڻ لاءِ جديد ترين ڪمپيوٽرز، سروسز، وڊيو ايڊٽنگ ۽ ٽرانسميشن اوزار استعمال ۾ آڻيندي.