اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران ??ان صنعتن جي لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، فيصلا مهينن ۾ نه ڏينهن ۾ ڪرڻا پوندا، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اسان جي ڪارڪردگي نظ?? ايندي. هن چيو ته معيشت جا بنيادي مسئلا 10 سالن کانپوءِ به اتي ئي آهن، اسان پنهنجي صنعت ۽ واپار کي هڪ جهڙا موقعا نه ڏنا، اڳوڻي حڪومت صنعت ۽ واپار کي مضبوط ڪرڻ بدران قرض ورتا، ٻاهر??ان قرض وڌڻ سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿيا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج