اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ۾ شهباز شريف جي ڪردار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ پي ايم ايل (ن) پي اي سي کي بدعنواني جي ڪيسن جي خلاف هڪ ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت جي د??ر ۾ اين آر او ممڪن نه آهي، ڪنهن سان به ??ه ڊيل ٿيندي ۽ نه وري ڍر ??ني ويندي، بدعنواني جي ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ پ??هنجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ