اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ پنجاب ۾ صحت سميت ٻين شعبن کي نظرانداز ڪرڻ تي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ??سل?? لي?? (ن) جي حڪومت جي لاپرواهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي تازي ڪرونا جي وبا تي اسپتالن سميت صحت جي ادارن جي کوٽ سبب سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پ??جي رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻو وڏو وزير شهباز شريف ملڪ ۾ موذي وبا جو فائدو کڻندي پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ جي لاءِ قوم کي گمراهه ڪرڻ ۽ چالون هلڻ کان پاسو ڪري، ??سل?? لي?? (ن) جي اڳواڻن کي قومي ناڻي کي ڦرڻ ۽ صحت سميت ٻين ادارن کي تباهه ڪرڻ جي حوالي سان نيب ??ي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش