اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آهي، اها اسان سڀن?? جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪورونا وائرس جي وبا اڃا ختم ناهي ٿي، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪورنگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نق??ان ڪيو آهي، جيڪڏهن گرمي وڌندي رهي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اسان جون زمينون ريگستان بڻجي وينديون، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ايندڙ ??سل??، پنهنجي ٻارن جي لاءِ اسان سڀن?? جي ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون. هن چيو ته هي اسان جيڪي اڄ 35 لک وڻ لڳايا آهن اها هڪ شروعات آهي، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آهي، اسان اهو پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ ??سل?? جي مستقبل لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن قومون منظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الله جي زمين تي نق??ان بدران بهتري اچي ٿي. هن چيو ته سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ لڳائڻ آهي. هن چيو ته اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا انهن جا ملڪ پاران ٿورا مڃان ٿو، اسان کي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آهي ان ۾ وڻ لڳائڻا آهن. وزيراعظم چيو ته قوم جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ان جو مثال آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري رهي آهي، ان جي وڏي نشاني هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائي آهي، ڇو ته برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.
زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ