اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي ۾ توانائي جي شعبي ۾ مهانگن معاهدن، پهچ ۽ ٽرانسميشن تي ڪم نه ڪرڻ ۽ قا??ل تجديد توانائي کي متعارف ڪرائڻ ۾ رڪاوٽن جي ڪري ملڪ جي مجموعي گردشي قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده حڪوم?? ڪامياب حڪمت عملي ??ان بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ 23 سيڪڙو فرنس آئل 3 سيڪڙو تي کڻي آئي آهي، جمهوري حڪومت هجڻ جي ناطي عوام آڏو جوابده آهيون، گرميءَ ۽ سردي جي موسم ۾ بجلي جي گهرج ۾ تمام وڏو فرق هوندو آهي پر حڪومت کي پيداواري خرچ ادا ڪر??ا پون ٿا. هو پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ??ان گڏ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل