اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست وانگر جنهن به قوم معاشري جي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي بالادستي جو اصول اختيار ڪيو ان قوم ترقي ڪئي، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اسان انهي ماڊل تي عمل ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ورلڊ بئنڪ موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر طبقي کي فوري ۽ شفاف انداز ۾ مدد ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. هو احساس بچت بئنڪ اڪائونٽ پروگرام جي آغاز تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ??اڪٽر ث??نيه نشتر به خطاب ڪيو، وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته هو ورلڊ بئنڪ پاران احساس پروگرام کي س??فٽ?? نيٽ جو ڪووڊ جي دوران دنيا جو چوٿون بهترين پروگرام قرار ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي ??اڪٽر ث??نيه نشتر، احساس جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
مديني جي رياست وانگر جنهن به قوم ڪمزور طبقي جي ذميداري کنئي ان ترقي ڪئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل