اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي و??ار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس م??اقات ڪئي. ان موقعي تي بيت المال جو ايم ڊي، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي پناهگاهن جي صورتحال ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو، منصوبي موجب موجوده پناهگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي و??ندي، نجي عالمي معيار جي هوٽلن مان پناهگاهن جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي و??ندي، پاليسي تي عمدلرآمد لاءِ هڪ بورڊ ۽ انتظامي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هر پناهگاهه ۾ 4 رڪني بورڊ جوڙيو ويندو، سهولتن جي حوالي سان ڊجيٽل ڊيش بورڊ جوڙيو ويندو جيڪو نگ??ان?? ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي باآساني هلائي سگهجي ٿو ۽ موجوده پناهگاهن ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن کي ان مقصد جي لاءِ تعمير ڪيل عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن سان گڏ احساس ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناهگاهن ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي احساس تحت ٻين پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن پناهگاهن تي ماڻهن جي رش آهي انهن تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پناهگاهن س??ن جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، ??ن جو تعلق الله ۽ ??ن جي مخلوق جي خدمت سان آهي. پناهگاهن جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي ماڻهن جي و??ار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناهگاهن کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي مجبور هئا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آندو وڃي.
پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی