اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فني تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن صنعتي ش??بي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي روزگار جا موقعا به فراهم ڪري سگهجن. معياري تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته ملڪ جي فني ۽ صنعتي ترقي سڌو سنئون تعليم جي معيار سان ڳنڍيل آهي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي ملڪ کي ترقي جي راهه تي وجهڻ لاءِ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ??يد سينٽر فار ايڊ??ان??ڊ اسٽيڊيز ان انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سر ??يد سينٽر فار ايڊ??ان??ڊ اسٽيڊيز جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شفاعت احمد صدر ??ي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي ش??بي ۾ جديد تعليم جي فروغ ۾ پنهنجي اداري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سر ??يد سينٽر فار ايڊ??ان??ڊ اسٽڊيز انجنيئرنگ، مينيجمينٽ، بزنس ۽ ڪمپيوٽنگ جي ش??بن ۾ بيچلرز کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين مختلف پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته في الحال 900 کان وڌيڪ شاگرد انسٽيٽيوٽ ۾ مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته هيستائين 3500 کان وڌيڪ شاگرد تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2017 کان يونيورسٽي مستحق شآگردن کي 54.3 ملين روپين جا وظيفا ۽ مالي امداد ڏني آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ??يو ته يونيورسٽين کي پنهنجي ش??گردن ۾ تجزياتي ۽ منطقي سوچ جون مهارتون وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سر ??يد احمد خان جي تعليم مستقبل ۾ نوجوانن جي رهنمائي ڏئي سگهي ٿي. هن انسٽيٽيوٽ جي انتظاميه تي ش??گرن جو تعداد وڌائڻ سان گڏوگڏ ان جي ورچوئل صلاحيت کي به وڌائڻ تي زور ڏنو، هن پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۽ تعليمي ش??بي کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين سان سهڪار جي ضرورت تي به زور ڏنو. صدر ملڪ ۾ فني ۽ آءِ ٽي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۾ سر ??يد سينٽر فار ايڊ??ان??ڊ اسٽيڊي جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ ۾ فني تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری