لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ??ند??ن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سول انتظاميه ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي س??ن خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيرو ??ند??ن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : apostas quina