اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل ع??ب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل ع??ب امارات جي دوري دوران ولي عهد شهزاده مح??د بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha