اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا، ??ي ٽي آءِ ادارن جي آزاداڻي طور تي پنهنجو ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي قبول ڪريون ٿا پر ان سان اتفاق نٿا ڪريون، فيصلي جي خلاف اپيل ۾ وڃڻ اسان جو قانوني حق آهي ۽ اسان پنهنجو اهو ئي حق استعمال ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ رياستي ادارو آهي، اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا، اليڪشن ڪميشن ڪو به فيصلو ڏئي سگهي ٿو، پر اهو ضروري ناهي ته اسان ان فيصلي سان اتفاق ڪريون، هن چ??و ته مسلم ليگ (ن) جڏهن به اليڪشن هارائيندي آهي ڌانڌلي جو شور مچائيندي آهي، (ن) ليگ جو سدائين اهو رويو رهيو آهي ته جيڪا شيءَ انهن جي حق ۾ هجي ان کي سٺو ۽ جيڪا شيءَ انهن جي خلاف هجي ان کي اهي قبول ناهن ڪندا. هن چ??و ته مسلم ليگ (ن) غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پهرين مسلم ليگ (ن) پاران درخواست ڏني وئي ته جن 23 پولنگ اسٽيشنن جا پرزائيڊنگ آفيسر دير سان ريٽرننگ آفيسر وٽ پهتا انهن تي ٻيهر پولنگ ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن حڪومت انهن جو اهو مطالبو تسليم ڪري ورتو ته هنن پنهنجو بيان تبديل ڪري ڇڏيو ۽ پوري تڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هن چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاداڻي ۽ شفاف ??ري??ي سان ضمني چونڊون ڪرايون.
پي ٽي آءِ ادارن جي آزاداڻي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول پر ان سان اتفاق نٿا ڪريون: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : پاور بال