اسلا?? آباد – 08 جون (اي پي پي) آبادگار برداري وزيراعظم عمران خان جي موثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آبادگارن کي 80 کان 90 ارب روپين جو سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آبادگارن جي ن??ائ??دن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪ??مت يا اڳواڻ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪ??مت آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا. آبادگارن جي ن??ائ??دن سان ڳالهائيندي وزيراعظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي، هن آبادگارن جي ن??ائ??دن کي خاطري ڪرائي ته آبادگارن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪ??مت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ مافيا جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي وسيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي قانون موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي پيروي ناهي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي سگهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي قول جو حوالو ڏنو ته ڪفر جي حڪ??مت قائم ر??ي سگهي ٿي ناانصافي جو نظام نٿو هلي سگهي. وزيراعظم، چيو ته هو ڪنهن لابي جو حصو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪستان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي نعمتن سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو طرف ويو آهي
آبادگار برداري پاران وزيراعظم جي قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ